تاج محمد مشتاق

تاج محمد ’مشتاق‘، مولوي: مشھور حڪيم، مولوي تاج محمد ’مشتاق‘ راڄو خاناڻي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم دهلي ۽ بمبئيءَ مان حاصل ڪئي. ان بعد لاهور ۾ پڙهيو. کيس فارسي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزي زبانن تي مھارت حاصل ڪئي. علم ادب سان گڏ کيس طب جي علم جي وڏي ڄاڻ هئي. راڄو خاناڻيءَ ۾ سندس دواخانو هوندو هو، جتي غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. هن راڄو خاناڻيءَ ۾ هڪ ننڍڙي پريس کولي، جنھن مان طب بابت ڪتاب شايع ڪرايا. هن طبي مسئلن تي هڪ رسالو ’الشفا‘ جاري ڪيو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيو. ان رسالي ۾ مختلف بيمارين جا سبب، علاج ۽ احتياط شامل هوندا هئا. ان کانسواءِ سندس لکيل طبي ڪتابن ۾: ’الحميات‘، ’شرح قانونچه‘ ۽ ’قرابارين مشتاقي‘ شامل آهن. لاهور ۾ مشھور حڪيم اجمل خان طرفان ڪوٺايل طبي ڪانفرنس ۾ طبي خدمتن عيوض کيس پھريون انعام ڏنو ويو. سندس مطب تي ادبي تقريبون به ٿينديون هيون، جنھن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا عالم ۽ اديب شريڪ ٿيندا هئا. سندس لائبريريءَ ۾ چار هزار کان مٿي مختلف ڪتاب موجود هوندا هئا. 1953ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ تاج محمد مشتاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو